ديوان عظيم تتوي

ديوان عظيم تتوي (ڪتاب): هي ديوان سيد عظيم الدين ٺٽوي ابن سيد يار محمد جو آهي. سيد عظيم ٺٽوي سنڌ جي نامور محقق، تاريخدان ۽ شاعر مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو ڀائٽيو هو. سيد عظيم الدين نوجوانيءَ ۾ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي درٻار سان منسلڪ ٿيو، پر جلد ڪلهوڙن جو دؤر ختم ٿيو، جنهن کانپوءِ هي مير فتح علي خان ٽالپر جي درٻار سان وابسته ٿيو. هي ديوان ڊاڪٽر پروفيسر غلام مصطفيٰ خان مرتب ڪيو آهي. ديوان فارسي ٻوليءَ ۾ آهي. ديوان ۾ غزل، قطعه تاريخون، قصيدا، مخمس، مسدس، رباعيون، قطعه، تضمين، سلام ۽ مرثيا شامل آهن. قطعه تاريخن ۾ ٽالپرن جي فتح، حيدر جي قلعي جي فتح، ڪراچي جي فتح، مير علي ۽ مير مراد عليءَ جي شادين، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد عليءَ جو حافظ قرآن ٿيڻ، ٽالپرن جي تعمير ڪرايل مسجدن ۽ محلن، مير صوبدار خان ۽ مير بهرام خان ٽالپر جي وفات بابت ۽ ٻيون گھڻيون قطعه تاريخون موجود آهن. قصيدن ۾ نعت، حضرت علي عليھ السلام جي شان ۾ قصيدا ۽ مير فتح علي خان ٽالپر، مير غلام علي خان ٽالپر، مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي شان ۾ طويل قصيدا موجود آهن. مثنويون به ڪافي موجود آهن.
ديوان جي آخر ۾ ضميمو ڏنل آهي، جنهن ۾ مختلف قلمي بياضن تان وڌيڪ هٿ آيل غزل، مثنويون، قطعه تاريخون ۽ سلام شامل ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ اردو ٻوليءَ ۾ پنج غزل ۽ هڪ اردو مربع مرثيو پڻ شامل آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 280 صفحن تي مشتمل هي ديوان سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1962ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو